21وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما وَجَدنا عَلَيهِ آباءَنا ۚ أَوَلَو كانَ الشَّيطانُ يَدعوهُم إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله نازل ڪيو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چوندا آھن (ته نه!) بلڪ اسان جنھن تي پنھنجا پيءُ ڏاڏا (ھلندا) ڏٺا تنھن جي تابعداري ڪنداسون، توڻيڪ شيطان دوزخ جي عذاب ڏانھن کين سڏي ٿو ته به (ان جي پيروي ڪندا ڇا)؟