20أَلَم تَرَوا أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِي السَّماواتِ وَما فِي الأَرضِ وَأَسبَغَ عَلَيكُم نِعَمَهُ ظاهِرَةً وَباطِنَةً ۗ وَمِنَ النّاسِ مَن يُجادِلُ فِي اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتابٍ مُنيرٍ نه ڏٺو اٿو ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله اوھان کي تابع ڪري ڏنو آھي ۽ پنھنجون پڌريون ۽ ڳجھون نعمتون اوھان تي ڀرپور ڪيائين، ۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جو اَڻ ڄاڻائي سان ۽ بنا ھدايت ۽ روشن ڪتاب ڌاران الله بابت جھڳڙو ڪندا آھن.