You are here: Home » Chapter 4 » Verse 140 » Translation
Sura 4
Aya 140
140
وَقَد نَزَّلَ عَلَيكُم فِي الكِتابِ أَن إِذا سَمِعتُم آياتِ اللَّهِ يُكفَرُ بِها وَيُستَهزَأُ بِها فَلا تَقعُدوا مَعَهُم حَتّىٰ يَخوضوا في حَديثٍ غَيرِهِ ۚ إِنَّكُم إِذًا مِثلُهُم ۗ إِنَّ اللَّهَ جامِعُ المُنافِقينَ وَالكافِرينَ في جَهَنَّمَ جَميعًا

۽ بيشڪ الله اوھان تي ڪتاب ۾ (ھيءُ حڪم) لاٿو آھي ته جڏھن (اوھين) ٻڌو ته الله جي آيتن جو انڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ مٿن ٺـٺولي ڪئي وڃي ٿي تڏھن (اوھين) ساڻن ايسين نه ويھو جيسين ٻيءَ ڪنھن ڳالھ ۾ بحث نه ڪن، اوھين اُنھيءَ مھل (جي وھندؤ ته) انھن جھڙا ٿيندؤ، ڇوته الله منافقن ۽ ڪافرن سڀني کي دوزخ ۾ گڏ ڪندڙ آھي.