You are here: Home » Chapter 2 » Verse 30 » Translation
Sura 2
Aya 30
30
وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلائِكَةِ إِنّي جاعِلٌ فِي الأَرضِ خَليفَةً ۖ قالوا أَتَجعَلُ فيها مَن يُفسِدُ فيها وَيَسفِكُ الدِّماءَ وَنَحنُ نُسَبِّحُ بِحَمدِكَ وَنُقَدِّسُ لَكَ ۖ قالَ إِنّي أَعلَمُ ما لا تَعلَمونَ

۽ (اي پيغمبر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته آءٌ زمين ۾ ھڪ نائب مُقرر ڪرڻ وارو آھيان، (تڏھن) چيائون ته ڇا منجھس اھڙي کي ٿو پيدا ڪرين جو منجھس فساد ڪندو ۽ (ناحق) رت ھاريندو، ۽ اسين تنھنجي ساراہ سان (تنھنجي) پاڪائي واکاڻيون ٿا ۽ توکي پاڪ ڪري مڃيون ٿا، فرمايائين ته جيڪي آءٌ ڄاڻندو آھيان سو توھان نٿا ڄاڻو.