You are here: Home » Chapter 18 » Verse 50 » Translation
Sura 18
Aya 50
50
وَإِذ قُلنا لِلمَلائِكَةِ اسجُدوا لِآدَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ كانَ مِنَ الجِنِّ فَفَسَقَ عَن أَمرِ رَبِّهِ ۗ أَفَتَتَّخِذونَهُ وَذُرِّيَّتَهُ أَولِياءَ مِن دوني وَهُم لَكُم عَدُوٌّ ۚ بِئسَ لِلظّالِمينَ بَدَلًا

۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو تڏھن ابليس کانسواءِ ٻـين سجدو ڪيو، اھو جِنّن مان ھو پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم جي نافرماني ڪيائين، پوءِ اوھين کيس ۽ سندس اولاد کي مون کانسواءِ ڇو دوست وٺندا آھيو حالانڪ اُھي اوھان جا ويري آھن، (شيطان) ظالمن لاءِ بڇڙو بدلو آھي.