20وَعَدَكُمُ اللَّهُ مَغانِمَ كَثيرَةً تَأخُذونَها فَعَجَّلَ لَكُم هٰذِهِ وَكَفَّ أَيدِيَ النّاسِ عَنكُم وَلِتَكونَ آيَةً لِلمُؤمِنينَ وَيَهدِيَكُم صِراطًا مُستَقيمًا الله اوھان کي گھڻن غنيمتن جو وعدو ڏنو آھي جن کي ھٿ آڻيندؤ پوءِ ھيُ (خيبر جون غنيمتون) اوھان کي عطا ڪيائين ۽ اوھان کان ماڻھن جا ھٿ جھلي ڇڏيائين، ۽ ھن لاءِ ته مؤمنن لاءِ ھڪ نشاني ھجي ۽ اوھان کي (الله) سڌو رستو ڏيکاري.