جڏھن غنيمتن جي ھٿ ڪرڻ لاءِ ويندؤ تڏھن پوءِ تي رھيل چوندا اسان کي ڇڏيو ته اوھان سان ھلون، گھرندا آھن ته الله جي وعدي جي مخالفت ڪن، (کين) چؤ ته اسان سان ڪڏھن نه ھلندؤ اھڙي طرح الله اڳي ئي فرمائي چڪو آھي، پوءِ سگھو چوندا ته بلڪ اوھين اسان سان حسد ٿا ڪريو، بلڪ (ھميشه) ٿورڙي کانسواءِ (ڪجھ به) نه سمجھندا ھوا.