12بَل ظَنَنتُم أَن لَن يَنقَلِبَ الرَّسولُ وَالمُؤمِنونَ إِلىٰ أَهليهِم أَبَدًا وَزُيِّنَ ذٰلِكَ في قُلوبِكُم وَظَنَنتُم ظَنَّ السَّوءِ وَكُنتُم قَومًا بورًا بلڪ ڀانيوَ ته پيغمبر ۽ مؤمن پنھنجن گھرن ڏانھن اصلي ڪڏھن نه موٽندا ۽ اِھو (گمان) اوھان جي دلين ۾ چڱو (ڪري) ڏيکاريو ويو ۽ (تمام) بڇڙو گمان ڀانيوَ، ۽ (اوھين) ھلاڪ ٿيل قوم ٿيؤ.