34إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَيُنَزِّلُ الغَيثَ وَيَعلَمُ ما فِي الأَرحامِ ۖ وَما تَدري نَفسٌ ماذا تَكسِبُ غَدًا ۖ وَما تَدري نَفسٌ بِأَيِّ أَرضٍ تَموتُ ۚ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ بيشڪ قيامت جي خبر الله ئي وٽ آھي، ۽ اُھوئي مينھن وسائيندو آھي، ۽ جيڪي ڳڀيراڻين ۾ آھي سو (به) ڄاڻندو آھي، ۽ ڪوئي جيءُ نه ڄاڻندو آھي ته (پاڻ) سڀاڻي ڇا ڪندو، ۽ ڪوئي جيءُ نه ڄاڻندو آھي ته (پاڻ) ڪھڙي زمين تي مرندو، تحقيق الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي.