30فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا ۚ فِطرَتَ اللَّهِ الَّتي فَطَرَ النّاسَ عَلَيها ۚ لا تَبديلَ لِخَلقِ اللَّهِ ۚ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ پوءِ (اي پيغمبر) پنھنجي منھن کي دين لاءِ ھڪ طرفو ڪري بيھار، الله جي دين جي (پيروي ڪر) جنھن تي ماڻھن کي پيدا ڪيائين، الله جي خلقڻ کي ڪا مٽ سٽ نه آھي، اھو سِڌو دين آھي، پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.