6هُوَ الَّذي يُصَوِّرُكُم فِي الأَرحامِ كَيفَ يَشاءُ ۚ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ اُھو (الله) اھو آھي جيڪو (مائن) ڳڀيرڻن ۾ جئن گھرندو آھي (تئن) اوھان جي شڪل ٺاھيندو آھي، اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي (اُھوئي) غالب حِڪمت وارو آھي.