44ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ ۚ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يُلقونَ أَقلامَهُم أَيُّهُم يَكفُلُ مَريَمَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يَختَصِمونَ اِھا ڳجھين خبرن مان آھي اُن کي توڏانھن وحي ڪيوسون، ۽ (تون) تڏھن وٽن نه ھئين جڏھن پنھنجا قلم (پُکن لاءِ واھيءَ ۾) وڌائون ٿي ته اُنھن مان ڪير مريم کي سنڀاليندو، ۽ تڏھن به وٽن نه ھئين جڏھن تڪرار ڪندا رھيا.