40قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لي غُلامٌ وَقَد بَلَغَنِيَ الكِبَرُ وَامرَأَتي عاقِرٌ ۖ قالَ كَذٰلِكَ اللَّهُ يَفعَلُ ما يَشاءُ چيائين ته اي مُنھنجا پالڻھار مون کي پُٽ ڪئن ٿيندو جو بيشڪ مُون کي ته پوڙھائي اچي رسي آھي ۽ مُنھنجي زال سَنڍ آھي، (ملائڪ) چيو ته الله جيڪي گھرندو آھي سو اھڙيءَ طرح ڪندو آھي.