جيڪي چون ٿا ته الله اسان سان انجام ڪيو آھي ته ڪنھن پيغمبر تي ايستائين ايمان نه آڻيون جيستائين (ھو اھڙي) قرباني اسان وٽ (نه) آڻي جو اُن (قربانيءَ) کي باہ کائي، (اي پيغمبر کين) چئو ته بيشڪ مون کان اڳ ڪيترن پيغمبرن مُعجزا ۽ (ٻيو) جيڪي چيوَ سو اوھان وٽ آندو پوءِ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اُنھن (پيغمبرن) کي ڇالاءِ ڪٺوَ؟