173الَّذينَ قالَ لَهُمُ النّاسُ إِنَّ النّاسَ قَد جَمَعوا لَكُم فَاخشَوهُم فَزادَهُم إيمانًا وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ وَنِعمَ الوَكيلُ جن کي ماڻھن چيو ته (ڪافرن) ماڻھن اوھان لاءِ لشڪر گڏ ڪيو آھي تنھن ڪري کانئن ڊڄو پوءِ (اُن چوڻ) ھٿون اُنھن جو ايمان وڌايو ۽ چيائون ته اسان کي الله ڪافي آھي ۽ (اُھو) چڱو وڪيل (ڀرجھلو) آھي.