124إِذ تَقولُ لِلمُؤمِنينَ أَلَن يَكفِيَكُم أَن يُمِدَّكُم رَبُّكُم بِثَلاثَةِ آلافٍ مِنَ المَلائِكَةِ مُنزَلينَ (اي پيغمبر اُنھيءَ مھل کي ياد ڪر) جنھن مھل تو مؤمنن کي چيو ٿي ته اوھان کي اوھان جي پالڻھار جي ٽن ھزارن ملائڪن (آسمان کان) لاٿلن سان مدد ڪرڻ ڪافي نه آھي ڇا؟