55وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ وَيَستَغفِروا رَبَّهُم إِلّا أَن تَأتِيَهُم سُنَّةُ الأَوَّلينَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ قُبُلًا ۽ ماڻھن وٽ جڏھن ھدايت آئي تڏھن کين ايمان آڻڻ ۽ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرڻ کان ھن ڌاران ڪنھن نه جھليو جو اڳين جي رسم (جھڙي پاڙ پَٽ سزا) وٽن اچي يا وٽن سامھون عذاب پُھچي.