1سُبحانَ الَّذي أَسرىٰ بِعَبدِهِ لَيلًا مِنَ المَسجِدِ الحَرامِ إِلَى المَسجِدِ الأَقصَى الَّذي بارَكنا حَولَهُ لِنُرِيَهُ مِن آياتِنا ۚ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ اھو (الله) پاڪ آھي جنھن پنھنجي ٻانھي (ﷴ ﷺ) کي ھڪڙي رات (جي اندر) تعظيم واري مسجد مان اُنھي مَسجد اَقصىٰ تائين جنھن جي چوڌاري برڪت رکي سون ھن لاءِ سير ڪرايو ته کيس پنھنجيون نشانيون ڏيکاريون، بيشڪ اُھو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.