۽ اعمالنامون رکيو ويندو پوءِ جيڪي منجھس ھوندو تنھن کان ڏوھارين کي ڊڄندڙ ڏسندين ۽ چوندا ته اسان لاءِ ارمان آھي ھن اعمالنامي جو ڇا حال آھي جو نڪي ننڍي (گناھ) ۽ نڪي وڏي کي ڳاڻيٽي کانسواءِ ڇڏيو اٿس، ۽ جيڪي ڪيائون سو حاضر لھندا، ۽ تنھنجو پالڻھار ڪنھن ھڪڙي تي به ظلم نه ڪندو.