You are here: Home » Chapter 8 » Verse 19 » Translation
Sura 8
Aya 19
19
إِن تَستَفتِحوا فَقَد جاءَكُمُ الفَتحُ ۖ وَإِن تَنتَهوا فَهُوَ خَيرٌ لَكُم ۖ وَإِن تَعودوا نَعُد وَلَن تُغنِيَ عَنكُم فِئَتُكُم شَيئًا وَلَو كَثُرَت وَأَنَّ اللَّهَ مَعَ المُؤمِنينَ

(اي ڪافرؤ) جڏھن (بدر جي لڙائيءَ جي سنبرڻ مھل ڪُفر ۽ اسلام جي سچائي پرکڻ لاءِ) سوڀ گھريوَ ته بيشڪ اوھان جي آڏو (اسلام کي) سوڀ آئي، ۽ جيڪڏھن اوھين (اسلام جي سچائي سمجھي ڪفر کان) بس ڪندؤ ته اھو اوھان لاءِ چڱو آھي ۽ جيڪڏھن ٻيھر (ويڙھ لاءِ) ايندؤ ته وري (اسلام کي فتح) ڏينداسون، ۽ اوھانجو لشڪر جيتوڻيڪ گھڻو ھوندو ته به اوھان کان ڪُجھ ٽاري نه سگھندو ۽ بيشڪ الله مؤمنن سان (ساڻ آھي.