1قُل أوحِيَ إِلَيَّ أَنَّهُ استَمَعَ نَفَرٌ مِنَ الجِنِّ فَقالوا إِنّا سَمِعنا قُرآنًا عَجَبًا (اي پيغمبر) چؤ ته مون ڏانھن (ھن ڳالھ جو) وحي موڪليو ويو ته جِنّن مان ھڪ ٽوليءَ (قرآن) ٻڌو پوءِ چيائون ته بيشڪ اسان ھڪ عجيب قرآن ٻڌو.