۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته کيس انھن (آيتن) سان ضرور مٿاھون ڪريون ھا پر ھُن (ھيٺ) زمين ڏانھن لاڙو ڪيو ۽ پنھنجن سڌن پٺيان لڳو، پوءِ سندس مثال ڪُتي جي مثال وانگر ٿيو، (جو) جيڪڏھن (تون) مٿس (ڪا شيء) اولارين ته سھڪي يا جي ڇڏي ڏئين ته (به) سھڪي، اھو انھي قوم جو مثال آھي جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو، پوءِ (اي پيغمبر انھن کي) اِھا نصيحت پڙھي ٻڌاءِ ته مانَ اُھي سوچ ڪن.