164وَإِذ قالَت أُمَّةٌ مِنهُم لِمَ تَعِظونَ قَومًا ۙ اللَّهُ مُهلِكُهُم أَو مُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا ۖ قالوا مَعذِرَةً إِلىٰ رَبِّكُم وَلَعَلَّهُم يَتَّقونَ ۽ جڏھن منجھائن ھڪ ٽوليء (نصيحت ڪندڙن کي) چيو ته اھڙي قوم کي اوھين ڇو نصيحت ڪندا آھيو جن کي الله ھلاڪ ڪندڙ آھي يا کين سخت عذاب ڪندڙ آھي؟ (تڏھن) چيائون ته (اسان جي نصيحت) اوھانجي پالڻھار وٽ عذر آھي ۽ مانَ اُھي ڊڄن.