(اي پيغمبر) چؤ ته اي انسانؤ آءٌ اوھان مڙني ڏانھن اُن الله جو پيغمبر (ٿي آيو) آھيان جنھن جي آسمانن ۽ زمين ۾ بادشاھي آھي، اُن الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي اُھو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، تنھنڪري الله ۽ سندس انھي اُمّي نبيء تي ايمان آڻيو جيڪو الله ۽ سندس حُڪمن کي مڃيندو آھي ۽ اُن جي تابعداري ڪريو ته مانَ اوھين سڌي واٽ لھو.