۽ اسان لاءِ ھن دُنيا ۾ ۽ آخرت ۾ چڱائي لک ڇوته اسين توڏانھن رُجوع ٿيا آھيون، (الله) فرمايو ته آءٌ پنھنجو عذاب جنھن لاءِ وڻندو اٿم تنھنکي پھچائيندو آھيان، ۽ منھنجي ٻاجھ سڀڪنھن شيء کي شامل آھي، ۽ پوءِ آءٌ پنھنجي ٻاجھ انھن لاءِ لکندس جيڪي پرھيزگاري ڪندا آھن ۽ زڪواة ڏيندا آھن ۽ جيڪي منھنجي آيتن تي ايمان آڻيندا آھن.