134وَلَمّا وَقَعَ عَلَيهِمُ الرِّجزُ قالوا يا موسَى ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ ۖ لَئِن كَشَفتَ عَنَّا الرِّجزَ لَنُؤمِنَنَّ لَكَ وَلَنُرسِلَنَّ مَعَكَ بَني إِسرائيلَ ۽ جڏھن مٿن سزا پھتي ته (تڏھن) چيائون ٿي ته اي موسىٰ پنھنجي پالڻھار کان انھيءَ وعدي سان جو توسان ڪيو اٿس اسان لاءِ دُعا گھُر، ته جيڪڏھن اسان تان عذاب لاٿئي ته توتي ضرور ايمان آڻينداسون ۽ بني اسرائيلن کي (به) ضرور توسان ھلڻ جي موڪل ڏينداسون.