129قالوا أوذينا مِن قَبلِ أَن تَأتِيَنا وَمِن بَعدِ ما جِئتَنا ۚ قالَ عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُهلِكَ عَدُوَّكُم وَيَستَخلِفَكُم فِي الأَرضِ فَيَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ چيائون ته اسين تنھنجي اچڻ کان اڳ (به) ۽ تنھنجي اچڻ کان پوءِ (به) ايذايا ويا آھيون، (مُوسى) چين ته اُميد آھي ته اوھانجو پالڻھار اوھان جي دشمن کي ناس ڪري ڇڏيندو ۽ مُلڪ ۾ اوھان کي پيڙھيءَ تي وھاريندو پوءِ ڏسندؤ ته (اوھين) ڪھڙي طرح عمل ٿا ڪريو.