101تِلكَ القُرىٰ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنبائِها ۚ وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّناتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا مِن قَبلُ ۚ كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الكافِرينَ (اي پيغمبر) اُھي ڳوٺ آھن جن جون خبرون توکي بيان ڪريون ٿا، ۽ بيشڪ وٽن سندن پيغمبر پڌرن معجزن سان آيا، پوءِ اُنھيءَ سببان جو اڳي ڪُوڙ ڀانيائون اُھي ڪڏھن به نه مڃيندا ھئا، اھڙي طرح الله ڪافرن جي دلين تي مُھر ھڻندو آھي.