4إِن تَتوبا إِلَى اللَّهِ فَقَد صَغَت قُلوبُكُما ۖ وَإِن تَظاهَرا عَلَيهِ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ مَولاهُ وَجِبريلُ وَصالِحُ المُؤمِنينَ ۖ وَالمَلائِكَةُ بَعدَ ذٰلِكَ ظَهيرٌ (اي پيغمبر جون زالون) جيڪڏھن اوھين ٻئي الله وٽ توبه ڪنديون ته بيشڪ اوھان جي دلين لاڙو ڪيو آھي، ۽ جيڪڏھن پيغمبر (جي ايذائڻ تي ٻئي گڏجي ڏاڍ ڪنديون ته بيشڪ الله سندس ڀرجھلو آھي ۽ جبرئيل ۽ سُڌريل مؤمن (به)، ۽ ھن کانپوءِ ملائڪ (به) مددگار آھن.