1إِذا جاءَكَ المُنافِقونَ قالوا نَشهَدُ إِنَّكَ لَرَسولُ اللَّهِ ۗ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّكَ لَرَسولُهُ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّ المُنافِقينَ لَكاذِبونَ جڏھن منافق تو وٽ ايندا آھن (ته) چوندا آھن ته شاھدي ڏيون ٿا ته بيشڪ تون الله جو پيغمبر آھين، ۽ الله ڄاڻندو آھي ته بيشڪ تون سندس پيغمبر آھين، ۽ الله شاھدي ٿو ڏئي ته بيشڪ (اُھي) منافق ڪوڙا آھن.