(اي پيغمبر کين) چؤ ته (آءٌ) اوھان کي نه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آھن ۽ نڪي (آءٌ) ڳُجھ ڄاڻندو آھيان ۽ نڪي اوھان کي چوان ٿو ته آءٌ مَلَڪ آھيان، ۽ جيڪي مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کان سواءِ (ٻئي جي) تابعداري نه ڪندو آھيان، چؤ ته انڌو ۽ سڄو ھڪ جھڙا آھن ڇا؟ پوءِ اوھين ڇونه فڪر ڪندا آھيو.