17وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ ۖ وَإِن يَمسَسكَ بِخَيرٍ فَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ ۽ جيڪڏھن الله توکي ڪو ڏک پُھچائي ته اُن (الله) کانسواءِ ان جو ڪو لاھيندڙ نه آھي، ۽ جيڪڏھن اُھو توکي سُک پُھچائي ته اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.