يا چوڻ لڳو ته جيڪڏھن اسان تي ڪو ڪتاب نازل ٿئي ھا ته (اسين) ضرور اُنھن کان وڌيڪ ھدايت وارا ٿيون ھا، پوءِ بيشڪ اوھان جي پالڻھار کان (روشن) دليل ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ اوھان وٽ آئي آھي، پوءِ اُن کان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جو الله جي آيتن کي ڪُوڙ چوي ۽ کانئن مُنھن موڙي؟ جيڪي اسان جي آيتن کان مُنھن موڙيندا تن کي انھيءَ سببان بُڇڙي عذاب جي سزا ڏينداسون جو مُنھن موڙيندا ھوا.