يَھُودين تي سڀئي نَھن وارا جانور حرام ڪيا ھواسون، ۽ (پڻ) ڳئن ۽ ٻڪرين مان انھن جي پنيءَ واري لڳل وَہ يا آنڊي واري يا ھڏن سان گڏيل وھ کانسواءِ (ٻي سڀ وھ) مٿن حرام ڪئي ھئي سون، اِھا سندن بي فرمانيءَ سببان کين سزا ڏني سون، ۽ اسين ته ضرور سچ چوڻ وارا آھيون.