۽ جنھن ڏينھن اُنھن مڙني کي گڏ ڪندو، (چوندو) ته اي جنن جون ٽوليون بيشڪ ماڻھن مان گھڻا پنھنجا (تابع) ڪيا ھيوَ، ۽ ماڻھن مان سندن سنگتي چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان منجھان ھڪڙن ٻـين کان فائدو ورتو ۽ انھي پنھنجي ٺھرايل مُدّت کي پُھتاسون جيڪا تون اسان لاءِ ٺھرائي، ھيءُ (الله) چوندو ته اوھان جو رھڻ جو ھنڌ دوزخ آھي ان ۾ ھميشہ رھڻ وارا ھوندؤ مگر جيڪي خُدا گھريو، ڇوته تنھنجو پالڻھار حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.