You are here: Home » Chapter 5 » Verse 6 » Translation
Sura 5
Aya 6
6
يا أَيُّهَا الَّذينَ آمَنوا إِذا قُمتُم إِلَى الصَّلاةِ فَاغسِلوا وُجوهَكُم وَأَيدِيَكُم إِلَى المَرافِقِ وَامسَحوا بِرُءوسِكُم وَأَرجُلَكُم إِلَى الكَعبَينِ ۚ وَإِن كُنتُم جُنُبًا فَاطَّهَّروا ۚ وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لامَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم مِنهُ ۚ ما يُريدُ اللَّهُ لِيَجعَلَ عَلَيكُم مِن حَرَجٍ وَلٰكِن يُريدُ لِيُطَهِّرَكُم وَلِيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ

اي ايمان وارؤ جڏھن اوھين نماز لاءِ اُٿو تڏھن پنھنجن مُنھن کي ۽ پنھنجن ھٿن کي ٺونٺين تائين ڌوئو ۽ پنھنجن مٿن کي مسح ڪريو ۽ پنھنجن پيرن کي ڀيڏين تائين (ڌوئو) ۽ جيڪڏھن اوھين جُنبي (يعني مٿي ميرا) ھجو ته پاڪ ٿيو (يعني تڙ ڪريو)، ۽ جيڪڏھن بيمار ھجو يا مسافريءَ تي (ھجو) يا اوھان مان ڪوئي پائخانه مان اچي يا اوھين زالن کي ويجھا ويا ھجو پوءِ اوھين پاڻي نه لھو ته پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪريو پوءِ پنھنجن مُنھن کي ۽ پنھنجن ھٿن کي منجھانئس مَسح ڪريو، ۽ الله اوھان تي ڪا تنگي نه گھرندو آھي پر گھُرندو آھي ته اوھان کي پاڪ ڪري ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪري مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.