اي مؤمنؤ اوھان منجھان جيڪو دين کان ڦرندو ته سگھو ئي الله اھڙي قوم کي پيدا ڪندو جن کي (پاڻ) دوست رکندو ۽ اُھي کيس دوست رکندا اُھي مؤمنن سان نوڙت ڪندڙ (۽) ڪافرن تي سخت ھوندا، الله جي واٽ ۾ جھاد ڪندا ۽ ڪنھن ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندا، اھو الله جو فضل آھي جنھن کي وڻيس ڏيندو آھي، ۽ الله ڪشادي فضل وارو ڄاڻندڙ آھي.