ڪوڙين ڳالھين جا ٻڌندڙ آھن حرام (جو مال) کائيندڙ آھن، پوءِ جيڪڏھن تو وٽ اچن ته سندن (تڪرار جي) وچ ۾ فيصلو ڪر يا کانئن مُنھن موڙ، ۽ جيڪڏھن کانئن مُنھن موڙين ته توکي ڪجھ نقصان رسائي نه سگھندا، ۽ جيڪڏھن نبيرو ڪرين ته سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر، بيشڪ الله انصاف ڪندڙن کي دوست رکندو آھي.