28لَئِن بَسَطتَ إِلَيَّ يَدَكَ لِتَقتُلَني ما أَنا بِباسِطٍ يَدِيَ إِلَيكَ لِأَقتُلَكَ ۖ إِنّي أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العالَمينَ البت جيڪڏھن پنھنجو ھٿ منھنجي مارڻ لاءِ مون ڏانھن ڊگھو ڪندين ته آءٌ پنھنجو ھٿ تو ڏانھن ڪڏھن به ڊگھو نه ڪندس ته توکي ماريان، بيشڪ آءٌ جھانن جي پالڻھار الله کان ڊڄان ٿو.