جنھن لاءِ مون کي حُڪم ڪيو اٿيئي تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي) کين نه چيو اٿم (يعني) ھي ته الله جي عبادت ڪريو جو منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، جيسين منجھن رھيس ته (آءٌ) مٿن نگھبان رھيس، پوءِ جنھن مھل تو مونکي کڻي ورتو ته تون ئي مٿن نگھبان رھيئن، ۽ تون سڀڪنھن شيء تي خبردار آھين.