108ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يَأتوا بِالشَّهادَةِ عَلىٰ وَجهِها أَو يَخافوا أَن تُرَدَّ أَيمانٌ بَعدَ أَيمانِهِم ۗ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاسمَعوا ۗ وَاللَّهُ لا يَهدِي القَومَ الفاسِقينَ اِھو (حُڪم ھن ڳالھ کي) ويجھو آھي ته اُھي (وصّي ماڻھو) سچي ڳالھه جي شاھدي ڏيڻ يا پنھنجن قسمن کڻڻ کانپوءِ قسم جي رد ٿيڻ کان ڊڄن، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ھي (حُڪم دل سان) ٻڌو، ۽ الله بي دين قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.