21۞ وَاذكُر أَخا عادٍ إِذ أَنذَرَ قَومَهُ بِالأَحقافِ وَقَد خَلَتِ النُّذُرُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّي أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ ۽ عاد جي ڀاءُ (ھود) کي ياد ڪر، جڏھن پنھنجي قوم کي (واديءَ) اَحقاف ۾ ڊيڄاريائين ۽ بيشڪ سندس اڳيان ۽ سندس پوئتان (ڪيترائي) ڊيڄاريندڙ گذريا ھوا ته الله کانسواءِ ڪنھين جي عبادت نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.