11وَالَّذي نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَنشَرنا بِهِ بَلدَةً مَيتًا ۚ كَذٰلِكَ تُخرَجونَ ۽ (اُنھيءَ الله) جنھن آسمان مان اندازي سان پاڻي وسايو، پوءِ اُن (پاڻيءَ) سان ويران ڳوٺ آباد ڪياسون، اھڙي طرح اوھان کي (قبرن مان) ڪڍيو ويندو.