10وَمَا اختَلَفتُم فيهِ مِن شَيءٍ فَحُكمُهُ إِلَى اللَّهِ ۚ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبّي عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ ۽ جنھن (ڳالھ) بابت تڪرار ڪيو اٿوَ سو ڪجھ به ھجي ته اُنھيءَ جو نبيرو الله ڏانھن (حوالي ڪيل) آھي، منھنجو پالڻھار اھو الله آھي مٿي ڀروسو ڪيم، ۽ ڏانھس موٽان ٿو.