3غافِرِ الذَّنبِ وَقابِلِ التَّوبِ شَديدِ العِقابِ ذِي الطَّولِ ۖ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ ۖ إِلَيهِ المَصيرُ جو گناھ بخشيندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ سخت سزا ڏيندڙ سگھ وارو آھي، اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ڏانھس ورڻو آھي.