10إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنادَونَ لَمَقتُ اللَّهِ أَكبَرُ مِن مَقتِكُم أَنفُسَكُم إِذ تُدعَونَ إِلَى الإيمانِ فَتَكفُرونَ بيشڪ جن ڪُفر ڪيو تن کي سڏبو (۽ چئبو) ته الله جو (اوھان تي) ڏمرجڻ اوھان جي پاڻ تي (اڄ جي) ڏمرجڻ کان تمام وڏو آھي جڏھن جو اوھان کي (دنيا ۾) ايمان ڏانھن سڏبو ھو ۽ نه مڃيندا ھئو.