You are here: Home » Chapter 4 » Verse 46 » Translation
Sura 4
Aya 46
46
مِنَ الَّذينَ هادوا يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَيَقولونَ سَمِعنا وَعَصَينا وَاسمَع غَيرَ مُسمَعٍ وَراعِنا لَيًّا بِأَلسِنَتِهِم وَطَعنًا فِي الدّينِ ۚ وَلَو أَنَّهُم قالوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَاسمَع وَانظُرنا لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَقوَمَ وَلٰكِن لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا

يھودين مان ڪي (توريت ۾) لفظن کي سندن جاين کان مٽائيندا آھن ۽ سَمِعۡنَا وَ عَصَيۡنَا ۽ اِسۡمَعۡ غَيۡرَ مُسۡمَع ۽ رَاعِنَا (جي لفظن) کي (چوڻ وقت) پنھنجيون زبانون وچڙائي ۽ دين ۾ طعني ھڻڻ لاءِ چوندا آھن، ۽ جيڪڏھن (سَمِعۡنَا وَعَصَيۡنَا جي بجاءِ) سَمِعۡنَا وَاَطَعۡنَا (يعني ٻڌوسون ۽ فرمانبرداري ڪئيسون) ۽ (اِسۡمَعۡ غَيۡرَ مُسۡمَع جي ھنڌ) اِسۡمَعۡ (يعني ٻڌ) ۽ (رَاعِنَا لفظ جي بجاءِ لفظ) اُنۡظُرۡنَا (يعني اسان جو خيال رک) چون ھا ته اُنھن لاءِ ڀلو ۽ ڏاڍو سنئون ھجي ھا پر الله سندن ڪُفر سببان مٿن لعنت ڪئي آھي پوءِ ٿورن کانسواءِ (ٻيا) ايمان نه ٿا آڻين.