You are here: Home » Chapter 4 » Verse 25 » Translation
Sura 4
Aya 25
25
وَمَن لَم يَستَطِع مِنكُم طَولًا أَن يَنكِحَ المُحصَناتِ المُؤمِناتِ فَمِن ما مَلَكَت أَيمانُكُم مِن فَتَياتِكُمُ المُؤمِناتِ ۚ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِإيمانِكُم ۚ بَعضُكُم مِن بَعضٍ ۚ فَانكِحوهُنَّ بِإِذنِ أَهلِهِنَّ وَآتوهُنَّ أُجورَهُنَّ بِالمَعروفِ مُحصَناتٍ غَيرَ مُسافِحاتٍ وَلا مُتَّخِذاتِ أَخدانٍ ۚ فَإِذا أُحصِنَّ فَإِن أَتَينَ بِفاحِشَةٍ فَعَلَيهِنَّ نِصفُ ما عَلَى المُحصَناتِ مِنَ العَذابِ ۚ ذٰلِكَ لِمَن خَشِيَ العَنَتَ مِنكُم ۚ وَأَن تَصبِروا خَيرٌ لَكُم ۗ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ

۽ اوھان مان جيڪو آجين مؤمنياڻين جي پرڻجڻ جي سگھ نه رکندو ھجي سو اُنھن مؤمنياڻين ٻانھين مان جن جا مالڪ اوھان (مؤمنن) مان آھن (ڪا پرڻجي ته عار نه آھي)، ۽ الله اوھان جي ايمان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، اوھانجا ھڪڙا ٻـين مان (پيدا ٿيل) آھن (يعني پاڻ ۾ ھڪ جنس آھيو)، پوءِ کين سندن مالڪن جي موڪل سان پرڻجو ۽ سندن ڪابين ھلي چليءَ وانگر کين ڏيو (اُھي) نڪاح ٻَڌلون نه زنا ڪندڙيون ۽ نڪي ڳجھن يارن وٺڻ واريون ھجن، پوءِ جڏھن نڪاح ۾ آيون تڏھن جيڪڏھن (اُھي) ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪن ته جيڪا سزا آجين تي آھي تنھن جو اڌ مٿن آھي، (اِھا ٻانھيءَ کي پرڻجڻ جي اجازت) اوھان مان انھيءَ لاءِ آھي جيڪو زنا (جي گناہ ۾ پوڻ) کان ڊڄي، ۽ اوھان جو صبر ڪرڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.