You are here: Home » Chapter 4 » Verse 176 » Translation
Sura 4
Aya 176
176
يَستَفتونَكَ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فِي الكَلالَةِ ۚ إِنِ امرُؤٌ هَلَكَ لَيسَ لَهُ وَلَدٌ وَلَهُ أُختٌ فَلَها نِصفُ ما تَرَكَ ۚ وَهُوَ يَرِثُها إِن لَم يَكُن لَها وَلَدٌ ۚ فَإِن كانَتَا اثنَتَينِ فَلَهُمَا الثُّلُثانِ مِمّا تَرَكَ ۚ وَإِن كانوا إِخوَةً رِجالًا وَنِساءً فَلِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ ۗ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم أَن تَضِلّوا ۗ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ

(اي پيغمبر جنھن کي اولاد ۽ ماءُ پيءُ نه ھجي تنھنجي ميراث بابت) توکان پڇن ٿا، چؤ ته الله ڪلاله (جي ميراث) بابت اوھان کي فتوىٰ ٿو ڏئي، جيڪڏھن (ڪو اھڙو) مڙس مري جنھنکي اولاد نه آھي (۽ نه ماءُ پيءُ) ۽ کيس ھڪ ڀيڻ آھي ته جيڪي ڇڏيائين تنھنجو اڌ اُن لاءِ آھي، ۽ (جيڪڏھن اھڙي زال مري وڃي ۽ ڀاءُ جيئرو اٿن ته) ڀاءُ سندس وارث آھي سو تڏھن جو کيس اولاد نه ھجي، پوءِ جيڪڏھن ٻه ڀينر ھجن ته جيڪي ڇڏيائين تنھن مان ٻنھي لاءِ ٻه ٽھايون آھن، ۽ جيڪڏھن (وارث) ڀينرون ۽ ڀائر ھجن ته مڙس (يعني ڀاءُ) لاءِ ٻن زالن (ڀينرن) جي حصّي جيترو آھي، الله اوھان لاءِ بيان ڪندو آھي ته متان (اوھين) گمراہ ٿيو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.