۽ جيڪڏھن توتي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا ته منجھانئن ھڪ ٽوليءَ توکي غلطي ۾ وجھڻ جي پڪي نيت ڪئي ھئي، ۽ (اُھي) پاڻ کانسواءِ (ڪنھن کي) نه ڀلائيندا آھن ۽ توکي ڪوبه ضرر نه پھچائيندا، ۽ الله توتي ڪتاب ۽ دانائي لاٿي آھي ۽ جيڪي تون نه ڄاڻندو ھئين سو توکي سيکاريائين، ۽ توتي الله جو وڏو فضل آھي.